پلي مل محمود

پلي، مل محمود: مل محمود پلي وڏو عوامي شاعر ٿي گذريو آهي. سندس پورو نالو محمود پٽ طالب پلي ۽ پاڙو عزيزاڻي هو. کيس فقيراڻو گھر هئڻ سبب درس سڏيندا هئا. مل محمود پلي، ڳوٺ حاجي عبداللطيف پلي تعلقي عمرڪوٽ جو ويٺل هو. فقير محمود، حاجي عبداللطيف وٽ، جيڪو دائري وارن بزرگن جو شاگرد هو، قرآن شريف حفظ ڪيو. سندس شادي ڪاٺوڙي وارن راڄڙن مان ٿي. فقير تي ’مل‘ نالو انهيءَ ڪري پيو، جو هو قد جو ڊگھو ۽ بدن ۾ سنهو هو. سندس ڪلام ٽن جلدن ۾ ڇپيل آهي: (1) مجمع العجائب مع نصيحت انساني، (2) ليليٰ مجنون ۽ (3) ڪلام مل محمود پلي. هن پهرين حُر تحريڪ (1896ع) سان گڏ ٻي واقعاتي شاعري به ڪئي آهي. کيس انگريز سرڪار حُر تحريڪ بابت شاعري ڪرڻ تي قيد ۽ ڏنڊ جون سزائون ڏنيون. مل محمود پليءَ 1347هه بمطابق 1928ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو